اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر ڪلثوم پروين ٽي ڀيرا هن ايوان جي ميمبر منتخب ٿي، سندس لاڏاڻي جو گهڻو ڏک ٿيو ??هي?? هر هڪ کي موت جو ذائقو چکڻو ??هي?? اصل شيءَ اسان جا اعمال آهن، اسان کي پنهنجا اعمال کڻي وڃڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ سينيٽر ڪلثوم پروين جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته اها اسان جي لاءِ تاڪيد آهي ته اسان کي هن ايوان ۾ ويهي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو ??هي?? هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ملڪ کي مشڪل حالتون درپيش آهن، بنا ڪنهن مدد جي باوجود اسان مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو، اسان جي معيشت باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر ??هي?? ان ۾ اسان جي حڪومت جي حڪمت عملي به شامل هئي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ