اسلام آباد – 26 فيبروري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عراق جي دفاع واري وزير جمعه اناد سعدون جي قيادت ۾ دفاعي وفد ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان عراق سان پنهنجي گڏيل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان، واپار، معيشت ?? دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق جي خودمختيار??، سياسي ا??حاد ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي دفاعي تربيتي ا??ارن ۾ عراقي فوجي اهلڪارن جي لاءِ تربيتي ڪورسز جي آڇ ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان پاران ٽيڪنيڪي امداد ۽ انساني وسيلن جي مدد سان عراق ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ مدد جي به آڇ ڪئي وئي.
صدر سان عراق جي دفاع واري وزير جي قيادت ۾ دفاعي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی