اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جو ا??غا??ستان ۾ امن لاءِ ڪردار سدائين منفي رهيو، دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي خلاف سڀ کا?? موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي، ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان پاڪستان جي پوزيشن ٽٽڻ جوڳي نه آهي، حڪومت ملڪ ۾ مختلف ما??ياز جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي، هاڻي اسان انهن ما??ياز کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي معيشت بهتر رخ ۾ گامزن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوام جي روين ۾ تبديلي آئي آهي پر ان جي باوجود الله تعاليٰ جو وڏو احسان آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال ايتري خراب نه آهي جيتري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهي، هن چيو ته ڀارت جو ڪردا سدائين منفي رهيو آهي، ڀارت دوها ڳالهين جي خلاف رهيو، ان کانسواءِ ا??غا??ستان ۾ امن عمل جي حوالي سان به ڀارت سدائين مخالفت ڪندو رهيو، هن چيو ته ناموس رسالت ﷺ جي حوالي سان اسان سڀ هڪ آهيون، ان حوالي سان ڪا به ٻي راءِ نه آهي پر رد عمل ۾ فرق ضرور ٿي سگهي ٿو ته اسان جو رد عمل ڏيڻ جو طريقو ڪجهه ٻيو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو رد عمل ظاهر ڪرڻ جو طريقو ڌار آهي، حڪومت جي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ڳالهين کانپوءِ ڪجهه نڪتن تي صحيحون به ڪيون ويون هيون، ان وقت اهو طئي ڪيو ويو هو ته ٽي ايل پي جي ڊمانڊ تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويندو، پرڏيهي پاليس ۾ پارليامينٽ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ ائين ممڪن نه آهي ته پارليامينٽ جي ڪردار کي نظر ??نداز ڪيو وڃي، سڀاڻي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، پارليامينٽ ۾ ان سڄي معاملي تي بحث ڪيو ويندو ۽ اهڙو حل ڳوليو ويندو جنهن سان قوم مطئمن به ٿئي، صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف دنيا ۾ سڀ کا?? موثر آواز اٿاريندڙ وزيراعظم عمران خان آهي.
ڀارت جو افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار سدائين منفي رهيو: صدر
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena