xاسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان ??ي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن ??ي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته متاثرين جي ڏک جي ان گهڙي ۾ برابر جا ش??يڪ آهيون، سينيٽ جي چيئرمين لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي وقت سر ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي سينيٽ ۾ قائدايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني به بلوچستان ??ي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته مارجي ويلن جي پوئينرن سان ڏک ۾ برابر جا ش??يڪ آهيون.
سينيٽ چيئرمين پاران بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2