اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ ??لو??ستان جي ترقي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جي 655 ارب رپين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني اي??ڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??لو??ستان جا مسئلا ملڪ جي ٻين حصن کان مختلف آهن ڇو ته ان جي آبادي وکريل آهي ۽ ڊگهي فاصلن جي ڪري اسان کي ??لو??ستان جي ماڻهن جي زند??ين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳو??ڻا پوندا. وزيراعظم اها ڳالهه ڏکڻ ??لو??ستان ترقياتي پئڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي سستي ۽ ??لو??ستان جي وڏي وزير جي سربراهي ۾ قائم اي??ڪس ڪميٽي جو اجلاس نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هڪ سال ۾ اي??ڪس ڪميٽي جو رڳو هڪ اجلاس ٿيو. وزيراعظم ان پئڪيج تحت 655 ارب رپين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ هر مهيني اي??ڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تربت ايئرپورٽ سان گڏوگڏ گوادر ۽ تربت ۾ 2 نرسنگ ڪاليجز جلد کان جلد تعمير ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ترقياتي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هو ذاتي طور تي هر مهيني جائزه ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ??لو??ستان جا مسئلا ملڪ جي ٻين حصن کان مختلف آهن ڇو ته اتان جي آبادي وکريل آهي ۽ ڊگهي فاصلن جي ڪري اسان کي ??لو??ستان جي ماڻهن جي زند??ين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ غيرروايتي حل ڳو??ڻا پوندا. هن منصوبابندي واري وزارت، توانائي واري وزارت، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ ??لو??ستان حڪومت کي هدايت ڪئي ته پئڪيج تحت ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.
ڏکڻ بلوچستان جي ترقياتي پئڪيج جي 655 ارب رپين جي 200 ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ لاءِ هر مهيني ايپڪس ڪميٽي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ايگزيڪيوشن ڪميٽي جا اجلاس منعقد ڪرڻ گهرجن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث