اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏهن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ليگي ورڪر اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو جعلي حلف نامو ۽ ڪڏهن جعلي آڊيو ٽپس آڻي رهيا ??هن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين لنڊن محلات جون رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري س??هيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته مريم صفدر ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهاي?? ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي. بعد ۾ معلوم ٿي?? ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون لنڊن ۾ شريف فيملي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چي?? ته ڪيلبري فونٽ م??رڪ??ٽ ۾ اچڻ کان پهرين جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي وئي، هن چي?? ته پاناما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ فيملي ڪوڙ ۽ جعلي دستاويزن کانسواءِ عدالتن ۾ ڪجهه جمع ناهي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيمبلي جي فلور تي بيهي نواز شريف چي?? ته هي آهن اهي ذريعا حضور جنهن سان لنڊن جا فليٽس خريد ڪيا ويا ??عد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.
نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين رسيدون پيش ناهن ڪري سگهيا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن