اسلام آ??اد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ٽيليفون ڪيو ۽ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ??اد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي بحرين سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ گهري اقتصادي، واپار?? ۽ ??يڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بحرين پاران عالمي وبا جي خلاف ڪامياب قدمن کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف بحريني قيادت پاران پرڏيهي پاڪستانين جي سارسنڀال لاءِ کنيل قدمن تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن اسلام آ??اد ۾ ڪنگ حمد نرسنگ يونيورسٽ?? ۽ ??يسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال ??ي منصوبي جي به آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، بحرين ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪستاني رهندڙ آهن ۽ پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل مذهب ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، ٻئي ملڪ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن، 2021ع ۾ پاڪستان ۽ بحرين ۾ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيا آهن.
وزيراعظم کي بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará