اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هداي?? ڪئي آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي آبادڪاري جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، اي?? ڊي اي?? اي ۽ اي?? ايڇ اي جو متاثرين کي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، وڌيڪ برساتن جي امڪان جي ڏس ۾ پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائين. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ب??ڏ سٽيلن جي بحالي تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري ريليف ۽ بحالي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مواصلات واري وزير مولانا اسعد محمود، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير شازيه مري، ريلوي ۽ هوابازي واري وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، صوبائي اسيمبلي ميمبر ثناءُ الله بلوچ، اي?? ڊي اي?? اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪ?? ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي امداد ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ جاري صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪوششن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم متاثرين جي آبادڪاري جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورن وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي هداي?? ڪئي. وزيراعظم متاثر ماڻهن جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي وقت سر بحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اي?? ڊي اي?? اي ۽ اي?? ايڇ اي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ انهن کي وڌيڪ برساتن جي امڪان جي ڏس ۾ پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هداي?? ڪئي.
ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي آبادڪاري جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena