اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪ??ي رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي، عمران خان رستا بند ڪري ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ اس??ولن ۽ اسپتالن جا رستا بند آهن، عمران خان جيڪو پيسو رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ تي خرچ ڪ??ي رهيو آهي اهو ٻوڏ ??تاثرين جي بحالي تي لڳائي چڏي ها، عمران نيازي جيڪو پيسو باهه لڳائڻ ۾ لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ ??تاثرين جي کاڌي پيتي ۽ گرم ڪپڙن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته جيڪو پيسو ٽائر ساڙڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو ٻوڏ ??تاثرن جي چلهي ٻارڻ ۾ لڳائي چڏي ها، عمران خان جيڪو پيسو اس??ول ۽ اسپتال بند ڪرائڻ تي لڳائي رهيو آهي اهو پنجاب ۽ خيبرپختواهه ۾ اس??ول ۽ اسپتالن تي لڳائي ڇڏي ها. هن چيو ته عمران نيازي جو مقصد ملڪ ۾ انتشار، فساد ۽ فتنو پکيڙڻ آهي، هي اهو ڊهيٽ ۽ فسطائي ماڻهو آهي، جنهن ٻوڏ ??تاثرين جي امداد تي به سياست ڪئي، عمران نيازي چئن سالن تائين عوام کي کاڌي پيتي، بجلي، گ??س، دوا کسي ۽ روزگار بند ڪيو ۽ اڄ روڊ بند ڪ??ي رهيو آهي. هن چيو ته چار سال عوام جي دوا بند ڪرڻ وارو اڄ مريضن جو رستو بند ڪ??ي رهيو آهي.
زبانون بند ڪرڻ وارا اڄ روڊ بند ڪري رهيا آهن، عمران خان جي ڪري ملڪ ۾ فساد، انتشار ۽ نفرت پکڙيل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ