اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي?? چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ پاڪستان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل ا??ٽو??يو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ٽيليويزن وٽ سمورا اثاثا موجود آهن رڳو انهن کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن جي ورچوئل ا??ٽو??يو جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي سهيل علي خان ۽ پيمرا چيئرمين سليم بيگ پڻ موجود هئا. تقر??ب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي?? چيو ته اڄ پي ٽي وي جي عملي ۽ انتظاميا جي ڪوششن سان پي ٽي وي ۾ آءِ ٽي رکندڙ سلوشنز استعمال ٿي رهيا آهن جيڪا جديد دور جي گهرج آهي. هن چيو ته ورچوئل ا??ٽو??يو جو قيام پاڪستان ٽيليويزن جو هڪ ٻيو سنگ ميل آهي، ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ورچوئل ا??ٽو??يو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پي ٽي وي نيوز صحيح خبرن سان گڏ هاڻي جديد انداز ۾ ڪم ڪندو. ورچوئل ا??ٽو??يوز بابت شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ٽيليويزن جو اسٽيٽ آف دي آرٽ ورچوئل سيٽ قومي علائقائي ۽ عالمي خبرن سان گڏوگڏ موسم ۽ راندين جي خبرن ۽ حالات حا??ره جي پروگرامن کي پڻ جديد انداز ۾ عوام آڏو پيش ڪندو. پاڪستان ٽيليويزن پنهنجي 58 سالا سفر دوران ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ٽيليويزن نيوز پنهنجي سڀ کان وڏي ورچوئل ا??ٽو??يو سان هاڻي عوام کي جديد انداز ۾ خبرون، تجزيا ۽ پاڪستان جي حقيقي موقف کان باخبر رکندو. ورچوئل ا??ٽو??يو جي قيام سان قومي، علائقائي خبرون، سياست، ثقافت، تعليم، حالات حا??ره ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان پي ٽي وي نيوز جا ناظرين جديد انداز ۾ آگاهه ٿي سگهندا. ا??ٽو??يوز جي ذريعي موسم جي خبرن سان گڏوگڏ راندين جي ميدان ۾ پڻ ناظرين کي آگاهه رکيو ويندو. بهترين آڊيوز، هائي ڊيفينيشن، خوبصورت گرافڪس پي ٽي وي نيوز جي اسڪريم جو حصو هوندا.
پاڪستان ٽيليويزن جو سڀ کان وڏو ورچوئل اسٽوڊيو ٽيڪنالاجي جو گيپ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔