اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتا?? زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. ترجمان ??يو ته اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل تي آهي. هن ??يو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قو??ن جي اه??مام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي خودمختياري واري حق جو استعمال ڪن. هن اه?? ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.
5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی