اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب هلندڙ مالي ??ال جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي جيڪو گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران 4.9 سيڪڙو رهيو. اقتصادي سروي موجب مالي ??ال جي پهرين 10 مهينن دوران پرائمري بيلنس 99.1 ارب روپيا رهيو جيڪو گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران 890.2 ارب روپيا خساري سان گڏ رڪارڊ ڪيو وي هو، پرائمري بيلنس ۾ بهتري سبب نان مارڪ اپ خرچن ۾ گهٽتائي ٿ??. ج??لاءِ کان مارچ تائين ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 6938.2 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو آهي. گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران ڪل محصولن جو ڳاڻيٽو 5874.2 ارب رڪارڊ ڪيو ويو هو، اقتصادي سروي موجب ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 5617.7 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران 4821.9 روپيا رڪارڊ ٿيو هو. جولاءِ کان مارچ تائين نان ٽيڪس روينيو ۾ 25.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو گذريل مالي ??ال جي 1052.2 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 1320.5 ارب روپين تائين پهچي ويو. مالي ??ال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي خرچن ۾ 18.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 10،016.9 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران 8439.8 ارب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جاري خرچن ۾ 25.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 9244.6 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران جاري خرچا 7378 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا هئا . قرضن تي وياج جي ??دا??يگي ۾ 69.1 سيڪڙو جي اضافي ??ان حڪومتي جاري خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. قرضن تي وياج جي ??دا??يگين ۾ اضافي ??و بنيادي سبب ملڪي ۽ عالمي سطح تي وياج جي شرح ۾ اضافو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آه??. ج??لاءِ کان مارچ تائين جي ترقياتي خرچن ۽ مجموعي لينڊنگ 0.9 سيڪڙو اضافي ??ان 1060.4 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران 1051.1 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي ??ال جي پهرين 9 مهينن دوران پي ايس ڊي پي 1.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سان گڏ 1014.0 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي ??ال جي انهي عرصي دوران 1032.7 ارب روپيا رهيو.
مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو تائين اچي ويو
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب