اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر ج?? لاءِ اهم آهي، پاڪستان لرننگ ڪانفرنس بهترين عالمي طريقن موجب ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر ج?? شروعاتي مرحلي ۾ سماجي طرز عمل جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي اختيار ڪن ٿا. پاڪستان لرننگ ڪانفرنس 2023ع منعقد ڪرڻ ??و اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ٻارن کي عالمي طريقن موجب بااختيار بڻائڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ ??هي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سان تعلق ر??ندڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام گهڻو خواهشمند هو پر پيرس ۾ عالمي مالياتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ??ي ڪري ائين نه ڪري سگهندس جڏهن ته هو ڪانفرنس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقبل جي تعمير ج?? لاءِ ان جي سفارشن جو منتظر آهي.
شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria