اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي عال??ي ڏينهن تي پاڪستاني نوجوانن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ??بادي جيڪا نوجوانن تي ٻڌل آهي کي نوجوانن جي عال??ي ڏينهن تي تمام گهڻيون مبارڪون هجن، پاڪستان کي جتي رب ڪريم بيشمار قدرتي و??يل?? سان نوازيو آهي، اتي اسان جي نوجوان افرادي قوت اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي. بدقسمتي سان ??اض?? م نوجوانن جي ترقي لاءِ ڪو خاص توجهه نه ڏنو ويو پر الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان جڏهن عوام مون کي پنهنجي اعتماد سان پنهنجي خدمت جي ذميواري سونپي ته مون پنهنجون سموريون توانايون انهن ڪوششن ۾ صرف ڪيون. گذريل 15 مهينن ۾ نوجوانن لاءِ عالمي معيار جي ت??لي??ي سهولتن، عالمي گهرجن سان هم آهنگ پيشيواراڻي تربيت، لاتعداد وظيفن، انڊومنٽ فنڊن، راندين جي سهولت، ليپ ٽاپس ۽ آسان قرض فراهم ڪيا. نوجوان اسان جو مستقبل اهن ۽ ملڪ جو معمار آهن. نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي.
نوجوان اسان جو مستقبل آهي، نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي جي ضامن آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا