اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي ??ون??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيف ويلفيئر آگاهي فائونڊيشن جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فائونڊيشن جي صدر شيخ محمد منشا جي قيادت ۾ ا??وان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو ??ون??و. هن چيو ته ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه ۽ تعليم تائين پهچ ۾ آساني فراهم ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڇوٽ ڏني پئي وڃي جڏهن ته نادرا جا خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سهولت فراهم ڪئي پئي و??ي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين. صدر چيو ته حڪومت، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي گڏجي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو ??ون??و. ملاقات ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. وفد ??در کي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ فائونڊيشن جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو.
خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں