اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ فلاحي منصوبن جي لا??ِ حڪومت پاران يو??يسيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس ذريعي جديد معلومات تائين پهچ ڏيڻ سان ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ يو??يسيف جي نمائندي عبدالله فاضل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عبدالله فاضل نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ يو??يسيف جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل 5 سالن ۾ يو??يسيف تحت سڄي پاڪستان ۾ امداد، صاف پاڻي ۽ خوراڪ جي فراهمي، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ اٽڪل هڪ ارب ڊالر جا منصوبا ٺاهيا ويا آهن. نگران وزيراعظم عوامي ڀلائي جي لا??ِ ڪي??را??ي ڪامياب منصوبا ٺاهڻ تي يو??يسيف پاڪستان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ يو??يسيف جي ڪردار کي خصوصي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ يو??سيف جهڙن ادارن جي گڏيل تعاون س??ن ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي بابت عوامي روين ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. نگران وزيراعظم تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ڀلائي منصوبا ٺاهڻ جي لا??ِ پاڪستان حڪومت جو يو??سيف کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ڀارت پاران شديد تنقيد جي باوجود يو??يسيف جو آزاد ڪشمير ۾ تعليم جي شعبي لا??ِ قدم کڻڻ ساراهه جوڳو آهي. نگران وزيراعظم عبدالله فاضل کي پاڪستان ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي تعليم لا??ِ نئين ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن يو??يسيف پار??ن ملڪ ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ??را??ڻ جي قدمن جي حمايت به ڪئي. هن چيو ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس جي مدد سان جديد ترين معلومات تائين پهچ ڏياري ملڪ ۾ ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. يو??يسيف پاران نوجوانن جي لا??ِ روزگار پيدا ڪرڻ جي منصوبن لا??ِ پاڪستان حڪومت هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.
پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽيبليٽس ذريعي جديد معلومات تائين پهچ ڏيڻ سان ناخواندگي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ