اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي ??ستاويزن جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ??رڻ آهي. اهو آرڊيننس پاڪستان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي ??ستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت پاڪستان جون ذ??يو??ريون پوريون ??رڻ آهي. ڪنوينشن ٻاهرئين ملڪ عوامي ??ستاويزن جي استعمال لاءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان پاڪستان جي الحاق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان پاڪستان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania