اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي ڪڇي ڪينال منصوبي کي ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪڇي ڪينال سان بلوچستان 713000 ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، وفاقي حڪومت منصوب?? جي ترجيحي بنيادن تي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊز فراهم ڪندي. صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ گرين پاڪستان منصوبي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گرين پاڪستان منصوب?? جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيد محسن رضا نقوي ۽ اعليٰ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گرين پاڪستان منصوبي تحت 6 اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير ڪئي ويندي، اسٽريٽجڪ واهن ۾ چشما رائٽ بينڪ، ڪڇي، ريڻي، گريٽر ٿل، چولستان ۽ ٿر ڪينال شامل آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته واهن سان ملڪي پوکي جوڳي زمين، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگير?? جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن گرين پاڪستان منصوب?? جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي جو ز??ان روڪڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن کي پڪو ڪيو وڃي، پاڻي تحفظ، پاڻي جو ز??ان گهٽ ڪرڻ ۽ پاڻ?? جي دستيابي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي آبپاش?? جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻو پوندو. صدر واهن جي ڀرپاسي وارن بنجر علائقن ۾ ڊرپ آبپاشي کي فروغ ??يڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪئي وڃي. صدر آصف علي زرداري انڊس ريور سسٽم اٿارٽ?? جي اصلاح ۽ ان کي بهتر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. بريفنگ ۾ صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته پاڻ?? جي دستيابي ?? وهڪر?? جي حوالي سان صحيح ڊيٽا شيئرنگ جي لاءِ 27 ٽيلي ميٽري پوائنٽس قائم ڪيا ويندا.
صدر پاران گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت، سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جي تجويز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں