اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ قائم ڪرڻ سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا، پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن ??و اظهار هن پاڪستان سان تعلق رکندڙ برطانيا جي ناليواري يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۾ آڪسفورڊ ي??نين جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف اسرار خان ڪاڪڙ کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو نالو روشن ڪرائڻ تي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسرار ڪاڪڙ جه??ا باصلاحيت نوجوان پاڪستان جي پائيدار ۽ روشن مستقبل جا ضامن آهن. توهان جو آڪسفورڊ ي??نين جي صدر جي چونڊ وڙهڻ ۽ سرخرو ٿيڻ توهان جي ثابت قدمي ۽ پختي عزم جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته آئون پراميد آهيان ته اسرار ڪاڪڙ ۽ ان جه??ا باصلاحيت پاڪستاني نوجوان اهڙي طرح عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهندا. بلوچستان جي پٺتي پيل علائقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي اڻٿڪ محنت سان پنهنجي سمورن تعليمي مرحلن ۾ وظيفا حاصل ڪرڻ ۽ آخرڪار آڪسفورڊ ي??نين جه??ي اعليٰ تنظيم جو صدر چونڊجڻ فخر جوڳو آهي. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي، ان سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا. پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي لاءِ 20 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. ملاقات ۾ اسرار خان ڪاڪڙ وزيراعظم کي آڪسفورڊ ي??نين ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. اسرار خان ڪاڪڙ نوجوانن کي بااختيار ??ڻا??ڻ ۽ هڪ جه??ي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته مون سميت پاڪستان جا سڀ نوجوان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر قسم جي خدمت جي لاءِ تيار آهن.
پاڪستان ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ قائم ڪرڻ سان غريب خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال