اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ??ه اسلام امن جو دين آهي ۽ ذا??ر نائيڪ اسلام جو صحيح پيغام ماڻهن تائين پهچائي هڪ انتهائي اهم فرض سرانجام ڏئي رهيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ جي آجيان ڪندي چيو ??ه مسلمان امت توهان تي ناز ڪري ٿي ته توهان سڄي دنيا کي اسلام جي صحيح تشخص کان روشناس ڪرايو، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته توهان جي ٻڌندڙن ۾ هڪ وڏو انگ نوجوانن جو آهي. وزيراعظم چيو ??ه آئون توهان جا ليڪچرز تمام گهڻي شوق سان ٻڌندو آهي جيڪي تمام گهڻا ڄاڻ ۽ تاثير سان ڀرپُور هوندا آهن. وزيراعظم چيو ??ه مون کي اهو ڄاڻي انتهائي خوشي ٿي ته توهان جو پٽ به توهان جي نقش قدم تي هلي رهيو ??هي ۽ دين اسلام جي خدمت ڪري رهيو ??هي. وزيراعظم 2006ع ۾ ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ سان پنهنجي پهرين ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ چيو ??ه مون 1991ع ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو هو ۽ اڃا تائين ان جي ياد تازي آهي. ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ چيو ??ه پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي جيڪو اسان کي هر معاملي ۾ رهنمائي فراهم ڪر?? ٿو. وزيراعظم چيو ??ه جيڪڏهن اسان اسلام جي رستي تي هلنداسين ته ڪامياب ٿينداسين، منهنجو اهو ئي مشن آهي ته سڄي دنيا ۾ اسلام جو پيغام عام ڪريان. ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ??ه هو اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي ۽ لاهور ۾ پڻ ليڪچرز ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر ذا??ر نائيڪ چيو ??ه اڄ منهنجي پاڪستان اچڻ جي خواهش پوري ٿي جنهن تي تمام گهڻي خوشي آهي، پاڪستان دنيا جي نقشي تي واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، پاڪستان جي عوام جو اسلام سان گهرو لڳاءُ آهي، اڄ الله منهنجي خواهش پو??ي ڪئي ۽ آئون پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آيو ??هيان، ان تي آئون پاڪستان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان جنهن گهرايو. هن چيو ??ه پاڪستان جو هڪ خصوصي درجو آهي، پاڪستان جي مختلف شهرن جو دورو ڪندس، عالمن سان ملاقاتون ٿينديون ۽ پبلڪ ليڪچر ڏيندس.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناليواري اسلامي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر