اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ل??ءِ سعودي عرب وي??دو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته سربراه?? اجلاس کان اڳ 10 نومبر تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ج?? اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان چيو ته سربراه?? اجلاس طلب ڪرڻ جي ل??ءِ اڳرائي سعودي عرب جي حڪومت ڪئي آهي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وي??دي. اها غزه ۽ ٻين والاريل علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ل??ءِ رياض ۾ 11 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي ڪانفرنس جو فالو اپ هوندو. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن ۽ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ عملدارن جي سربراه?? اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم سربراه?? اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي ل??ءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندو، هو غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي فوري خاتمي، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ خطي ۾ جاري اسرائيلي مهم جوئي کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو جيڪو وچ اوڀر جي ملڪن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي ل??ءِ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هُجي، تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته سربراه?? اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
وزيراعظم 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد ٿيندڙ ٻي گڏيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب ويندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب