لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته 9 مئي ناقابل معافي ڏوهه آه??، ماسٽر مائينڊ کي به سز?? ملندي،
دهشتگردي ۽ ڳالهيون گڏجي نٿيون هلي سگهن، سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا
برداشت ناهن، اختلاف ڪرڻو آه?? ته سياستدانن سان ڪريو، شهيدن سان ڇو؟
پي ٽي آءِ ملڪي دفاع ۽ سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، مسلم
ليگ (ن) جي دور ۾ هميشه ترقي ٿي، بجلي جي بلن تي 95 ارب روپين جي
سبسڊي ڏني وئي، تڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪري ڇڏي آه??. اهڙو
اظهار هن لاهور ۾ هڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي
مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.وفاقي وزير چيو ته 9 مئي تاريخ جو
ڪارو ترين ڏينهن آه??، پي ٽي آءِ وارن ملڪ جي دفاع ۽ سالميت کي نقصان
پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا ڪيا ويا، هڪ
نالائق شخص ملڪ دشمني جو ثبوت ڏيندي آءِ ايم ايف کي خط لکيا ته پاڪستان
جي مدد نه ڪئي وڃي، ملڪي سالميت تي حملا قبول ناهن، سياسي دهشتگردي
نٿي هلي سگهي، پاڪستان آه?? ته اسان سڀ آه??ون. هن چيو ته ڪالهه هڪ وڏو
ڏينهن هو، 9 مئي سانحو اسان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آه??، ان ۾ ملوث
25 ڏوهارين کي سزائون مليون آه??، انهن ماڻهن شهيدن جي يادگارن کي ميٽيو،
جن شهيدن ملڪ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، انهن جي بي حرمتي
ڪئي، ملڪي دفاعي ٺڪاڻن تي حملا ۽ ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي
ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سياست ڪريو اوهان کي سياست کان ڪير
ٿو روڪي، پر سياست تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪريو. سياسي اختلاف ڪرڻو
آهي ته سياستدانن سان ڪريو، شهيدن سان اوهان جي ڪهڙي دشمني آه??؟
پاڪ فوج جا جوان ته اسان جي سرحدن جا محافظ آه??، اهي جاڳن ٿا ته پورو
ملڪ سڪون جي ننڊ سمهي ٿو، اڄ جيڪو ملڪ ۾ امن امان آه?? ان پٺيان انهن
شهيدن جي قربانين جو هڪ ڊگهو داستان آه??، انهن شهيدن جي يادگارن جي
حملا ڪري اوهان ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو آه??. هاڻي وڌيڪ سياسي
دهشتگردي نٿي هلي سگهي، پنهنجي ئي گهر ۾ رهندي پنهنجي ئي گهر تي حملو
ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، 9 مئي سانحو ناقابل معافي ڏوهه آه??، ان
واقعي جو جيڪو ماسٽر مائينڊ هو انشاءُ الله ان کي ضرور سز?? ملندي. عطا الله
تارڙ چيو ته اسان ڳالهين جا قائل آه??ون، اسان سياسي ماڻهو آه??ون اسان ڳالهيون
ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ چاهيون به ٿا پر جتي سياسي دهشتگردي هوندي، جتي سياست
جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا ٿيندا اهي برداشت نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته انهن
ماڻهن پرڏيهه ۾ رهي لابين کي هائر ڪيو آه??، جن کي اهي ماڻهو پئسا ڏئي
ملڪ خلاف ٽرينڊ هلائين ٿا، ملڪ خلاف جيڪا پروپيگنڊا ڪن ٿا ان سان
نقصان پاڪستان جو ٿئي ٿو. سڀئي سياسي پارٽيون بعد ۾ ۽ پاڪستان سڀ کان
پهريان آه??. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جڏهن به اقتدار ۾ آئي ته ملڪ
ترقي جي راهه تي گامزن ٿيو، مهانگائي گهٽ ٿي، معيشت به ترقي ڪري رهي
آهي، ملڪ جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آه??، اڄ دوست ملڪ پاڪستان اندر
اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيا آه??، نون ترقياتي منصوبن جي
شروعات ٿي رهي آه??، اسٽاڪ ايڪسچينج ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي
پهچي وئي آه??. پرڏيهه مان ڪاروباري ڌريون سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان اچي
رهيون آه??، ان جو سبب هي آه?? ته ملڪ ۾ هڪ اهڙي قيادت موجود آه??
جنهن تي انهن کي ڀروسو آه??. کين خبر آه?? ته هي پنهنجي ڳالهه جا سچا ۽
واعدي جا پڪا آه??. پاڪستان جي ڀلائي ۽ ترقي چاهين ٿا. هن چيو ته اين اي
127 ۽ پي پي 163 جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اهي اڄ واعدا
وفا ٿي رهيا آه??، اسان ميان عمران جاويد ۽ ٻين پارٽي ڪارڪنن سان گڏجي
تڪ جي عوام جي خدمت ڪنداسين، انهن جا مسئلا حل ڪنداسين ته جيئن جڏهن
پنجن سالن کانپوءِ ٻيهر ووٽن لاءِ ماڻهن وٽ وڃون ته ڪنڌ فخر سان مٿي هجي.
هن چيو ته منهنجي خوش قسمتي آه?? ته منهنجي والده هن تڪ ۾ موجود رهي
ٿي ۽ هو عوام جي وچ ۾ رهندي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار
ادا ڪري ٿي، اسان پنهنجي بزرگن کان عوام جي خدمت ڪرڻ سکي آه?? ان لاءِ
خدمت جي سياست ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. ان خدمت جي جذبي تحت بجلي جي
بلن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 50 ارب ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم
نواز 40 ارب روپين جي سبسڊي ڏني ته جيئن عوام کي بجلي جا بل گهٽ اچن،
هاڻي ونٽر پئڪيج آيو آه??، بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، هن چيو ته
اسان جيڪو واعدو ڪريون ٿا ان تي پورو لهون ٿا، اسان عوام سان جيڪي
واعدا ڪيا هئا انهن جي تڪميل اوهان آڏو ٿي رهي آه??، هر جاءِ تي تعمير ۽
ترقي اوهان کي نظر ايندي، مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي، اوهان جا مسئلا گهٽ
ٿيندا، وفاقي وزير چيو ته جلد تڪ هڪ مثالي تڪ بڻجي ويندو، ملڪ به ترقي
ڪندو، هي تڪ به ترقي ڪندي ۽ عوام جا مسئلا حل ٿيندا، آخر ۾ وفاقي وزير
شعر پڙهيو،”اٺ بانڌ ڪمر ڪيا ڊرتا هي، ڦر ديک خدا ڪيا ڪرتا هي“،
پڙهندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪم جو نيڪ نيتي سان پڪو ارادو ڪيو
وڃي ته ان ۾ الله تعاليٰ جي مدد به شامل ٿي ويندي آه??، اسان کي هن ملڪ کي
هڪ معاشي قوت بڻائڻو آه?? ۽ خواب جلد پورو ٿيندو.
9 مئي ناقابل معافي ڏوهه، ماسٽر مائينڊ کي به سزا ملندي، دهشتگردي ۽ ڳالهيون گڏجي نٿيون هلي سگهن: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج