اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 729 ملين آمريڪي ڊالرز تي پهچي وڃڻ ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گ??ٽتائي، مهانگائي ۽ ناڻي واڌ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ اضافو حڪومت جي مثبت معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رڪارڊ اضافي سان پاڪستان جي عالمي معاشي مارڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس سان پاڪستاني معيشت ملڪي ۽ عالمي ??يڙ??ڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شه??از شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم پاران رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ