اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيند?? چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو ??حفظ، انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان جا قابل فخر برابر شهري آهن، پاڪستان اسان سڀني جو ??هي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي عظيم کان عظيم تر بڻائڻو آهي، تحريڪ پاڪستان ۽ ان کانپوءِ اڄ تائين تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ مسيحي برادري جو نمايان ڪردار رهيو آهي. هو وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ڪرسمس جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ خطاب ڪيو ۽ بشپ ڊاڪٽر جوزف اشرف ڪرسمس جو پيغام پڙهي ٻڌايو، مسيحي ٻارن ڪرسمس جا نغما پيش ڪيا. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيند?? چيو ته حضرت عيسيٰ ا??ن جو ??اعي هو جنهن جو قرآن پاڪ ۾ واضح ذڪر آهي ۽ هو الله جو پيغمبر آهي، اڄ بدقسمتي سان حضرت عيسيٰ جي پيدائش واري جڳهه تي معصوم ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ نوجوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي، اسان کي هن ڏينهن جي مناسبت سا?? پوري دنيا ۾ جتي به عيسائي رهن ٿا گڏجي فلسطين ۾ ان رت جي هوليءَ کي ختم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو ??زم ڪرڻو آهي. هن چيو ته حضرت عيسيٰ ا??ن جو ??اعي هو، سندس مشن جي فروغ جي لاءِ فلسطين ۾ جنگبندي وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري رهي آهي، انهن جون پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ تڪميل پاڪستان ۾ اڄ تائين نمايان خدمتون آهن، تعليم ۽ صحت جي ميدان، سرڪاري ۽ ملڪ جي دفاع جي لاءِ سندن خدمتن، 1965ع ۽ 1971ع جي جنگ سميت پاڪستان جي لاءِ انهن جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي گڏجي امن، ترقي جي سفر کي فروغ ڏيڻ جو ??زم ڪرڻو آهي، فرق جو ??اتمو ڪرڻو آهي، پنهنجي پنهنجي جذبن کي ضابطي ۾ رکي برداشت ۽ ت??مل کان ڪم وٺڻو آهي، اقليتن جي حقن جو ??يال رکڻ جو ??زم ڪرڻو آهي، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻو آهي ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ کي پاڪستان جو ??اوقار شهري سمجهن. وزيراعظم چيو ته اسان کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ??صو وجهڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ان پيغام کي هر جڳهه ڦهلائڻ گهرجي ته پاڪستان اسان سڀني جو ??هي ۽ اسان سڀني کي گڏجي قائد جي پاڪستان کي عظيم تر بڻائڻو آهي. هن چيو ته اڄ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو پڻ پيدائش جو ڏهاڙو آهي، ان جي ڪري به ان ڏينهن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته باباءِ قوم جو ??قليتن جي حوالي سان اهو بيان اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ته اقليتن جي حقن جو ??حفظ ۽ فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان جا برابر قابل فخر شهري آهن، انهن جي ڀلائي ۽ ت??قي اسان جي ايجنڊا جو ??نيادي نقطو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتي برادري کي يقين ڏياريو ته توهان جو ??حفظ ڀلائي، خوشحالي ۽ ت??قي اسان جي ذميواري آهي ۽ اسان اها ذميواري ڀرپور طريقي سان ادا ڪندا رهنداسين. هن ان موقعي تي ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن کي ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم شرڪت ڪندڙن سان گڏجي ڪرسمس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ ڪرسمس نغمو پيش ڪندڙ ٻارن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.
اقليتن جي حقن جو تحفظ، انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، اهي پاڪستان جا قابل فخر برابر شهري آهن، پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي عظيم کان عظيم تر بڻائڻو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ