اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) نا??ي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کي متوازن، حقيقت پسنداڻي ۽ مراعتن ۽ سهولتن واري بجيٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت 5 سالن ۾ مجموعي قومي پيداوار (جي ??ي پي) جي واڌويجهه جي شرح کي ٻيڻو ۽ نا??ي واڌ جي شرح کي 50 سيڪڙو تائين گهٽ ڪري ڇڏيو آهي جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آ??ي، بجيٽ ۾ واڌويجهه جي شرح کي برقرار رکڻ جي لاءِ موثر قدمن تي ڌيان ڏنو ويو آ??ي، سمورا خرچ بجيٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ان لاءِ انهن خرچن ۾ اضافي جو امڪان نه آ??ي، وڌ کان وڌ ماڻهن کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن، بيل آئوٽ پئڪيج جي لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو ڪو ارادو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مملڪتي وزير/ وزيراعظم جي خصوصي معاون هارون اختر خان سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
بجيٽ متوازن ۽ سهولتن واري بجيٽ آهي: مفتاح اسماعيل
مضمون کا ماخذ : números quina hoje