اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته آمريڪا سان ڪڏهن اهڙي طرح جا لاڳاپا نٿا چاهيون جنهن ۾ پاڪستان جي حيثيت ڀاڙي جي سپاهي جي هجي، ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ ٽوئيٽ ٽوئيٽر جي جنگ نه پر رڪارڊ جي درستگي ه??ي، پاڪستان ۾ طالبان جون ڪي به ڳجهيون پناهگاهون نه آهن. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ سندس ٽوئيٽ ٽوئيٽر جي جنگ ناهي پر رڪارڊ جي درستگي ه??ي، ٽوئيٽر تي پيغامن جي مٽاسٽا آمريڪا جي طرفان افغان مسئلي جي فوجي حل جي غلط پاليسين لاءِ پاڪستان کي قصوروار بڻائڻ جو جواب هو
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر