اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ??ه اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه ??هي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ??دارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي ??ه اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه ??هي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي ??هي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ