اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ا??با??ي صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪ??مت جي تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم اها هدايت آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئ??. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ وزيراعظم جو خاص معاون فهد حسين پڻ موجود هو. اي پي اين ايس جي صدر سرمد علي جي قيادت ۾ وفد ۾ سيڪريٽري جنرل ناز آفرين، سهگل لاکاڻي، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، جميل اطهر، شهاب زبيري، محترمه رميزه نظامي، عمر مجيب شامي، امتنان شاهد، ممتاز طاهر، محسن بلال، اويس خوشنود، وسيم احمد، منير گيلاني ۽ همايون گوهر پڻ شامل هئا. وزيراعظم ان موقعي تي ا??با??ي صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ۽ 30 جون تائين اڳوڻي حڪ??مت جون تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. وزيراعظم پي ٽي آءِ دور جي ا??با??ن ۽ تشهيري ڪمپنين جون حڪ??متي رهتون ادا ڪرڻ جو حڪ?? پڻ ڏن??. و??يراعظم چيو ته هو سياسي انتقام ۾ يقين نه ٿو رکي ڇو ته ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ??هت?? آهي. وزيراعظم وفد کي خاطري ڪرائي ته مهانگائي جي تناسب سان تشهيري اگهه ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ ا??با??ي صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳائينداسين ۽ ا??با??ي صنعت کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اضافي ريليف پڻ فراهم ڪنداسين.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania