اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ايوارڊ يافته ناليواري شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس امجد اسلا?? امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان موجب صدر امجد اسلا?? امجد جي ادبي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ وڏي شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي ويو. هن ??يو ته اردو ادب ۾ امجد اسلا?? امجد جو خال ڀرجي نٿو سگهجي، مرحوم فن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اردو ادب جي لاءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر اردو زبان جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي امجد اسلا?? امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ??يو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب فرمائي. هن مرحوم جي مغفرت جي دعا ۽ وارثن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران ناليواري شاعر امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گرم گرم