ڪراچي-17 فيبروري (اي پي پي) شاهراه فيصل تي واقع ڪراچي پوليس آفيس تي جمعي ڏينهن شام جو حملو ڪي?? ويو آهي. پوليس اختيارين موجب حملو ڪندڙن سان پوليس جي فائرنگ جي ڏي وٺ هيل تائين جاري آهي. ح??لي آورن جي پوليس آفيس ۾ داخل ٿيڻ جا اطلاع آهن. پوليس آفيس ويجهو فائرنگ ۽ ڌماڪا به ٻڌا ويا آهن. پوليس عملدارن ٻ??ايو ته رينجرز ،پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي ۽ پوليس نفري پوليس آفيس کي چئني پاسن کان گهيري ۾ آڻي ورتو آهي. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو ڪراچي پوليس آفيس تي ح??لي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته منهنجي آفيس تي حملو ٿيو آهي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي. اسپتال ذريعن موجب فائرنگ واري هنڌ تان هڪ زخمي کي جناح اسپتال آندو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ