اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن موجب ??شم??ر تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي، سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ ??نگين خطرو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ۽ ??شم??ر بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظ?? او آءِ سي جي وفد جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جي دوري جي آجيان ڪئي. هن ??شم??ر ڪاز جي حمايت ۾ او آءِ سي جي مسلسل ڪوششن کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ڏس ۾ ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۽ ??شم??ر جي عوام کي او آءِ سي مان تمام گهڻيون اميدون آهن. نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جي پاڙ آهي، ان جي حل سان ئي خطي ۾ امن قائم رهي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??شم??ر تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي. پنهنجي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي زبردست قربانين کي اجاگر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ??شم??رين حمايت جي لاءِ سدائين او آءِ سي ۽ مسلمان امت طر?? ڏٺو آهي. نگران وزيراعظم سڄي دنيا ۾ خاص طور تي هندوتوا جي شڪل ۾ اسلامو فوبيا جي عروج تي پڻ شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ ??نگين خطرو آهي، انهن قوتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. يوسف ايم الدوبي نگران وزيراعظم کي والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرار تي او آءِ سي جي اصولي موقف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته او آءِ سي ??شم??ر ڪاز جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي حيثيت سان والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي لاءِ سندس پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جو دورو انهي عزم جو اظهار ڪيو.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو مُنڍ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria