اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبض?? جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشمير جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب جو اه??مام ڪيو. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلان?? جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. جن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ڳانڍاپي ۽ حمايت کي اجاگر ڪ??و ويو. ان موقعي تي چين جي ناليواري اسڪالر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماهر ڪيان فينگ به خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي هيڊ آف مشن بلال محمود چوڌري چيو ته پاڪستان انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي جن گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي تحت تمام گهڻو ظلم برداشت ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪ??و وڃي. بلال محمود چوڌري عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته اه?? ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل ج?? لاءِ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري. سفارتخاني ان موقعي تي هڪ تصويري نمائش جو به اه??مام ڪ??و ويو هو جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کي ڏيکار??و ويو. ياد رهي ته 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست تي زبردستي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ ڀارت ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي.
چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ڪشمير جي حوالي سان ڪاري ڏينهن جي تقريب
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino