راولپنڊي-24 ??وم??ر(اي پي پي) امام ڪعبه شيخ صالح بن عبدالله بن حميد پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق هيءَ ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. آرمي چيف معزز مهمان ??ي آجيان ڪئي ۽ چيو ته امام ڪعبه جو پاڪستان ??چڻ پاڪستاني عوام لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جا مسلمان ??رمين الشريفين سان ??ي پناهه عقيدت رکن ٿا ۽ گهرو احترام رکن ٿا. امام ڪعبه چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي، اسلام جي غلط تشريح جي ڪابه گنجائش ناهي. ٻنهي معزز شخصيتن غزه تڪرار ۾ جاري ??لم ۽ غير قانوني والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسلمانن تي ??لم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مثالي، تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستانين جي دلين ۾ مملڪت سعودي عرب جي انوکي عقيدت کان ??لاوه ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ نظرياتي اتحاد تي ٻَڌل مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن. آخر ۾ امام ڪعبه اُمت جي امن استحڪام ۽ اتحاد لاءِ دُعا ڪئي.
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان امام ڪعبه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania