اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪميٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزير??عظ?? کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگران وزير??عظ?? کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگران وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزير??عظ?? توانائي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.
نگران وزيراعظم پاران لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ریل رش