اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن، پاڪستان ڪوريا جي صنعت، ننڍي پئماني جي صنعتن جي ترقي، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي شعبن ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير وزيراعظم کي ڪ??ريا جي قيادت پاران ٻيو ڀيرو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ڏکڻ ڪوريا جي قيادت جي مبارڪباد واري پيغام جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ لاڳاپا خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهرا رابطا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن 1960ع جي ڏهاڪي جي شروع کان ??ي اقتصادي ترقي جي لاءِ تعاون جي شروعات ڪئي. وزيراعظم ڏکڻ ڪوريا جي معيشت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي رونما ٿيندڙ نمايان ??بديلي کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪوريا جي صنعت، خاص طور تي ننڍي پئماني جي صنعت جي شعبي جي ترقي، آءِ ٽي شعبي بشمول آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي تجربي مان ??کڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڪوريا جي انساني وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافي جي آڇ پڻ ڪئي. گڏيل طور تي فائديمند واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هن سيول ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ان ??والي سان وزيراعظم چيو ته هو ڪابينا جي لاڳاپيل وزيرن کي ڪ??ريا جي ڪ??پنين پاران موجوده سيڙپڪاري سان گڏوگڏ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ڪوريا سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندو. وزيراعظم صدر يون سڪ يول کي پاڪستان ??ي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني. ڏکڻ ڪوريا جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ڪوريا جي حڪومت جي پاڪستان ??ان گڏيل دلچسپي جي ڪ??ترن ئي شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??.
پاڪستان ڪوريا جي صنعت، ننڍي پئماني جي صنعتن جي ترقي، آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي شعبن ۾ تجربي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena