اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن جي پيداوا?? ۾ ??ضافو ڪري سگهجي. هن ان راضپي جو اظهار پاڪستان جي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي?? جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن جو اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ا??وا?? صنعت ۽ واپار (ايف پي سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي ۽ پيداوا?? ۾ ??ضافي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدتن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ايس ڊي پي آءِ ۽ ايف پي سي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوا?? ۾ ??ضافي ۽ زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوانن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي?? جي تربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.
زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ آبادگارن وچ ۾ فاصلو گهٽ ڪرڻ ضروري آهي: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری