اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سياسي معامل?? بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جان ??اس پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان وفدن جي سطح تي مُلاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران ??اري بيان موجب ڌرين واپار، توانائي، سلامتي، صحت، موسمياتي تبديلي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت موجوده ڳالهين واري مڪينزم تي اڳڀرائي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران ??مريڪا سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي مڪينزم خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ هڪ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. انڊر سيڪريٽري جان ??اس گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه موقعو ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪا معيشت کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان ??ان ??صيداري جو خواهشمند آهي. هن ٻوڏ ۽ دهشتگرد حملن جهڙن تازن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو. انڊر سيڪريٽري جان ??اس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي.
آمريڪا جي سياسي معاملن بابت وقتي انڊر سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ وفد جي پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا