دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي ??طر جي دوري دوران اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري تفصيل موجب ??طر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ??طر جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو ??طر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان بن ج??سم الثاني سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان ??طر بزنس مين ايسوسيئيشن جو وفد پڻ ملاقات ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم ??طر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي ??طر جي دوري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ گڏ آهن.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ